سخي دادواهي

سخي دادواهي (ڳوٺ): هي ڳوٺ ضلعي نوشهري فيروز جي ٺارو شاهه خان شهر کان اولهه طرف پنجن ڪلوميٽرن ۽ مٺياڻي ويندڙ رستي جي وٽ ۾ آهي. سخي داد واهيءَ بابت هندو مذهب جي پيروڪارن جو عقيدو آهي ته هي ’راجا وير‘ آهي، ڇاڪاڻ ته هن شهر ۾ ’راجا وير‘ جو ٽڪاڻو به ٺهيل آهي، جيڪو هندن جي لڏي وڃڻ سبب ڦٽي ويو آهي، اڳي هن ٽڪاڻي ۾ هندو ماڻهو هر مهيني ڀڄن ڀاءُ ڪندا هئا. قديم زماني کان وٺي اڄ تائين هتي موجود سخي داد واهيءَ جي درگاهه آهي، جنهن تي هر سال ميلو لڳندو آهي،. هتي مسلمانن کان سواءِ هندو به عقيدت وچان اچي حاضري ڀريندا آهن. ميلي جي موقعي تي ٺارو شاهه جا هندو مٽ ڀري رکندا آهن، جن کي مٽائي چئبو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو